SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي چُڪتائيءَ واري بئنڪ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي چُڪتائيءَ واري بئنڪ

Bank for International Settlements BIS

بئنڪ فار انٽرنيشنل سيٽلمينٽس

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ (1919-1914ع ) کانپوءِ، اتحادين طرفان جرمنيءَ تي وڌل ڏنڊن واري مرحلي منجهه آمريڪا جي ”يونگ رٿا“ تحت جوڙيل معاشي پاليسين جي نتيجي ۾، هيءَ بئنڪ 17 مئي 1930ع تي قائم ٿي. ان بئنڪ طرفان ميمبر ملڪن جي سِڪن (Currencies) جي قدر ۾ ايندڙ اوچتي لاهي چاڙهي (Fluctuations) تي ضابطو آندو ويندو آهي. ان کان سواءِ ميمبر ملڪن جي مرڪزي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن سان سهڪار ڪندي، معاشي توڙي مالياتي مامرن تي ٿيندڙ تحقيق جي ڏس ۾ سهڪار جي آڇ ۽ عالمي بئنڪ يا ڏيهان ڏيهي ناڻي واري فنڊ (IMF) سان ٿيندڙ معاهدن جي حوالي سان فني سهائتا پڻ فراهم ڪئي ويندي آهي. بئنڪ قائم ٿيڻ کان پوءِ يورپ ۾ معاشي بحرانن تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي ۽ ”مارشل رٿا“ هيٺ اِن بئنڪ گهڻو ڪجهه ڪيو. موجوده د‍ؤر ۾ هيءَ بئنڪ ميمبر ملڪن (جهڙوڪ آمريڪا، جاپان، ڪئنيڊا، آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا ۽ مختلف يورپي ملڪن) جي مرڪزي بئنڪن ۽ مالياتي اختيارين سان لاڳيتي لهه- وچڙ ذريعي مالياتي معاملن تي رٿابندي ڪري ٿي. بئنڪ جو هيڊ ڪوارٽر سئٽزرلينڊ جي شهر باسل (Basel) ۾ آهي. جڏهن ته علائقائي آفيسون هانگ ڪانگ ۽ مئڪسيڪو سٽي ۾ آهن، هي بئنڪ دُنيا جو سڀ کان پراڻو ڏيهان ڏيهه مالياتي ادارو آهي. هيءَ بئنڪ ڪنهن به فرد يا خانگي ڪاروباري اداري سان ڪاروهنوار نه رکندي آهي


Remember Me Also:

ٻار ۾ ٻڏڻ

لهرين ۾ لڙهڻ. سخت مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ. تمام گهڻا ڏک ڏاکڙا رسڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal